شهناز انصاري

شهناز انصاري

شهناز انصاري

شهناز انصاري: سياستدان ۽ سماج سڌارڪ شهناز انصاري، ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ چيهو ۾ راڄپر قبيلي جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز، گريجوئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪرڻ بعد ايل. ايل. بي ڪيائين. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳي. ڪاليج اندر ٿيندڙ تقريري توڙي سوالن جوابن جي مقابلي ۾ حصو وٺندي هئي، جنهنڪري کيس ڪاليج جو وڏو انعام ’لطيف پرائيز‘ پڻ مليو. ڊاڪٽر عبدالحميد انصاريءَ سان شادي ٿيڻ بعد مڙس جي نسبت سان انصاري سڏائڻ لڳي. کيس سياست سان شاگرديءَ واري دور کان ئي لڳاءُ هو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران آمريت خلاف ٿيندڙ جدوجهد گهڻو اتساهه بخشيو. جنهنڪري سياست جي ميدان ۾ پيپلز پارٽيءَ سان واڳجي وئي ۽ پ پ ليڊيز ونگ ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. شهناز 1988ع ۾ شگفته جماڻيءَ جي اڳواڻي ۾ ٻين ڪيترين ئي عورتن جي قافلي سان بينظير ڀٽو سان ملڻ لاءِ لاهور وئي، جتي کيس ٻين عورتن سان گڏ گرفتار ڪري هڪ ڏينهن لاءِ قيد ڪيو ويو. ان کانسواءِ کيس مشرف دور ۾ به لاهور ۾ مظاهرو ڪرڻ تي ٻين عورتن سان گڏ گرفتار ڪري هڪ ڏينهن لاءِ ڪوٽ لکپت جيل موڪليو ويو. هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شروعاتي طور تي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ان بعد پيپلز ليڊيز ونگ تعلقي نوشهروفيروز جي صدر مقرر ٿي. 1992ع ۾ پيپلز ليڊيز ونگ ضلعي نوشهروفيروز لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿي. جنهن عهدي تي هن 10 سالن تائين ڪم ڪيو. ان کانپوءِ نوشهروفيروز ضلعي لاءِ صدر چونڊي وئي. جنهن عهدي تي ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي. کيس پارٽيءَ ۽ عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد تي پيپلز پارٽيءَ پاران 2013ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، جنهن تان ڪاميابي ماڻي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو